ڄاموٽ سيد حسن علي

ڄاموٽ، سيد حسن علي: خانبهادر سيد حسن علي ولد سيد محمد علي شاهه ڄـامـوٽ، 1849ع ڌاري مـٽيـاريءَ ۾ ڄـائـو. پـاڻ ابـتـدائـي تـعـليـم (سـنڌي ۽ فارسي) مختلف مدرسن مان ورتائين. تعليم جي حصول کان پوءِ هي پنهنجي زمينداري ۽ ڪاروبار هلائڻ لڳو. سندس زمين ويهه هزار ايڪڙ هئي. هيءُ پنهنجي علائقي جو وڏو زميندار هو. سرڪاري عملدارن سان سٺي دوستي هئس. انگريز سرڪار کيس سيڪنڊ ڪلاس آنرري مئجسٽريٽ ڪري رکيو. انگريز سرڪار کيس خانبهادر جو خطاب ڏنو. هي هڪ وڏو مهمان نواز سخي ۽ رحمدل شخص هو. آنرري مئجسٽريٽ هئڻ جي دوران به پاڻ ڪنهن به ماڻهو کي سزا ڪو نه ڏنائين. نواب غيبي خان جي خاندان سان پراڻي دوستي هئس. سندس وڏو ڏاڏو سيد جيئندل شاهه هو. سنڌ جو آخري ٽالپر فرمانروا مير نصير خان ٽالپر سندس وڏو عقيدتمند هو. ٻئي پاسي نواب سر غيبي خان جو وڏو ڏاڏو نواب ولي محمد خان ٺوڙهو جنگي ميرن جو سخت مخالف هو. ميرن جي مخالفت هوندي به جيئندل شاهه، نواب چانڊيي جو ويجهو دوست هو. ان کان پوءِ سيد جيئندل شاهه جي فرزند سيد محمد علي شاهه به ان دوستيءَ کي برقرار رکيو آيو. ان کان پوءِ سندس وڏي ڀاءُ سيد جيئندل شاهه ثاني به ساڳيو طور طريقو اختيار ڪيو. سيد جيئندل شاهه کي اولاد ڪو نه هو. هيءُ بنا اولاد جي وفات ڪري ويو. ان کان پوءِ خان بهادر سيد حسن علي شاهه به وڏن جي نقش قدم تي هلي چانڊين جي سردارن خاص طور نواب غيبي خان سان دوستيءَ جي فرض کي سهڻي نموني نڀايو.
خـانبهـادر سـيـد حـسـن عـلـي شـاهه ڄـاموٽ، 3 مارچ 1925ع تي وفات ڪري ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو